سچل سارو سچ

سچل سارو سچ

سچل سارو سچ 1

سچل سارو سچ (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر نواز علي شوق جو ترتيب ڏنل آهي. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن سال 1989ع کي سچل جو سال ڪري ملهايو هو ۽ ان حوالي سان ڪراچيءَ ۾ بين الاقوامي سچل ڪانگريس ڪوٺائي وئي، ان موقعي جي نسبت سان ڊاڪٽر نواز علي شوق هي ڪتاب ترتيب ڏنو ۽ سگا ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق جي مقدمي کان پوءِ هيٺين عالمن ۽ اديبن جا مقالا شامل ڪيا ويا آهن: (1) سچل سائينءَ جي ڪلام جا سرچشما (تنوير عباسي)، (2) سچل صوفي لاڪوفي (ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي)، (3) سچل سرمست (تيرٿ سڀاڻي)، (4) سماجي لسانيات جي روشنيءَ ۾ سچل جي شاعريءَ جو جائزو (ڊاڪٽر غلام علي الانا)، (5) منصور حلاج ۽ سچل (ڊاڪٽر اياز حسين قادري، (6) پٺيءَ ڄڃ مَڄل (حميد سنڌي)، (7) سچل ۽ بيدل (ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي)، (8) سچل سرمست جو جهولڻو (ڊاڪٽر عبداجبار جوڻيجو)، (9) پريت جي پٽي (ڊاڪٽر گل حسن لغاري)، (10) سنڌي سماج ۽ سچل جي شاعري (ڊاڪٽر حيدر سنڌي)، (11) صوفي تحريڪ ۽ سچل سرمست (ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو)، (12) سنڌ ۾ قادري سلسلو ۽ سچل سرمست جو تاريخي تسلسل (پروفيسر امين الله علوي)، (13) درگاهه درازن جي سـلسلـي جـا شاعـر (خادم عباسي)، (14) سچل سائينءَ جـي دور جا ڪافي گو شاعر (ڊاڪٽر نواز علي شوق)، (15) ڀٽائيءَ ۽ سچل جي سُر سارنگ ۾ فـرق (مـلـڪ نديم)، (16) پـاڻ سڃاڻڻ (ڊاڪٽر سـليمـان سولنگي)، (17) شاعر '>سچل سرمست سچ جو شاعر (خان ملڪاڻي'>احمد خان ملڪاڻي)، (18) سچل جي سنڌي ڪلام جو مختصر نموني جائزو (داد محمد خادم بروهي)، (19) ويهين صدي سچل جي صدي (محمد علي حداد)، (20) Union and Separation (Dedicated to the great & wise: Prof Gerd Lupkie, (21) Sachal Sarmast life and poetry (Mumtaz Mahar).
ڊيمي سائيز ۾ 25 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌ گريجوئيٽ ائسوسيئيشن، ڪراچي 1989ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 45 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو